Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 07:04:51

سڀاڻي تائين حل ڪڍو، ٻي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ڪنداسين: سپريم ڪورٽ جي وفاق کي صبح جو 9 وڳي تائين مهلت

اسلام آباد (آن لائين نيوز روم) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت ۾ واڌ  وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي سڀاڻي صبح تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هڪ ڏينهن اندر معاملو حل نه ڪيو ته پوءِ اسان قانون موجب فيصلو ڪنداسين. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ ٻڌل بينچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت ۾ مدي ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌني دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏنا آهن ته ماضي ۾ جنرل پاڻ کي ڏهه ڏهه سال توسيع ڏيندا رهيا، هاڻ معاملو اسان وٽ آيو آهي، ته طئه ڪري وٺون ٿا، اسان قانون کي ڏسنداسين، شخصيت کي نه. چيف جسٽس چيو ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي، ان ۾ سڀني جي ڳالهه ٻڌنداسين، اهو سوال اڄ تائين ڪنهن نه اٿاريو، جيڪڏهن سوال اٿي ويو آهي ته ان کي ڏسنداسين. جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل منصور علي خان کان پڇيو ته ڇا ايڪٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت واري مدت ۾ توسيع جو ذڪر آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته ملازمت واري مدت ۾ توسيع جي گنجائش موجود آهي. جسٽس منصور علي شاهه ٻيهر چيو ته توهان جنهن جي رولز ۾ موجودگي جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اهو ايڪٽ به ڏيکاريو. هن پڇيو ته جيڪڏهن آئون پاڪ فوج ۾ آفيسر بڻجي وڃان ٿو ته ڇا تاحيات ڪميشنڊ آفيسر سڏرائيندس؟ چيف جسٽس چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ مدت ۽ ٻيهر تعيناتي جو ذڪر ناهي. اهڙي طرح ان جي ملازمت واري مدت ۾ توسيع جو ذڪر به ايڪٽ ۾ موجود ناهي. اٽارني جنرل چيو ته ملازمت واري مدت جو ذڪر رولز ۾ آهي، ايڪٽ ۾ ناهي. اٽارني جنرل ڪابينا جي نئين سمري عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته عدالت کي آرمي رولز جي شق 255 ۽ آئين جي شق 243 کي الڳ الڳ ڏسڻو پوندو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا پڇيو ته نئين سر توسيع متعلق قانون ڏيکاريو جنهن تي عمل ڪيو ويو. حڪومت وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته رول 19 موجب جواب نه اچڻ جو مطلب ها آهي. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ليفٽيننٽ جنرل جي رٽائرمينٽ جي عمر 57 سال آهي پر ان رول ۾ آرمي چيف جي رٽائرمينٽ جي مدت جو ذڪر ناهي. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته توهان چوڻ چاهيو ٿا ته رٽائرمينٽ نٿي ٿي سگهي، اها ته عجيب ڳالهه آهي. حڪومت وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته آئين جي شق 243 تحت وفاقي حڪومت کي ملازمت جي مدت ۾ توسيع جو اختيار آهي ۽ ان ۾ ٻيهر ملازمت ۾ توسيع ڏيڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي. بينچ جي سربراهه رمارڪس ڏنا آرٽيڪل 255 جنهن تي توهان انحصار ڪري رهيا آهيو اهو ته صرف آفيسرن جي لاءِ آهي. جنهن ۾ توهان ترميم ڪئي اهو ته آرمي چيف متعلق آهي ئي ڪونهي، اهو آرٽيڪل ته صرف آفيسرن متعلق آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيو ته ڪل جيڪي اسان نقطا کنيا هئا توهان انهن کي تسليم ڪيو، ان لاءِ ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اٽارني جنرل جواب ۾ چيو ته انهن غلطين کي تسليم نٿا ڪريون. چيف جسٽس چيو ته اسان ازخود نوٽيس ناهي ورتو، رياض راهي جي درخواست تي ئي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، ميڊيا کي ان ڳالهه جي سمجهه ناهي آئي. جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کان دريافت ڪيو ته ڇا رولز تي بحث جي لاءِ وقت ڏنو ويو؟ اٽارني جنرل هاڪاري ۾ جواب ڏنو ته ميمبرن کي وقت ڏنو ويو هو. چيف جسٽس چيو ته اسان کي ڏيکاريو ته ڪابينا ڪالهه ڪهڙي منظوري ڏني آهي، اسان ته مواد ڏسي فيصلو ڪيو هو. حڪومت جي وڪيل منصور علي خان موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 255 ۾ هڪ اهڙو لفظ آهي جيڪو ان معاملي جو حل آهي. ان آرٽيڪل ۾ حالتن تحت جيڪڏهن رٽائرمينٽ نه ڏئي سگهجي ته ٻن مهينن جي توسيع ڏئي سگهجي ٿي.  بينچ جي سربراهه رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جنگ ٿي رهي هجي ته پوءِ آرمي چيف جي رٽائرمينٽ ۾ عارضي دير ڪري سگهجي ٿي. جڏهن وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل انور منصور چيو ته رينڪ ۽ تقرري ٻه مخلت شيون آهن، جنرل فوج جو ئي جرنيل هوندو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان جي سامهون سوال چيف جو آهي، جنرل جو ناهي. 243 جي تحت وزيراعظم وٽ مقرري جو اختيار آهي پر اسان هتي مدت جو معاملو ڏسي رهيا آهيون. هن پڇيو ته ڇا هڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر کي آرمي چيف مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ چيف جسٽس چيو ته اسان پهرين قانون ڏسنداسين، اسان جي سامهون شخصيت نه قانون اهم آهي. آرمي چيف جي ملازمت واري مدت ۾ توسيع خلاف درخواست ڏيندڙ رياض حنيف راهي به عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس پڇيو ته راهي صاحب توهان ڪٿي رهجي ويا هئا، ڪالهه توهان نه آيا پر توهان جي درخواست زندهه رکي. درخواستگذار چيو ته حالتون مختلف پيدا ٿي ويون آهن، جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته اسان انهيءَ حالتن ۾ اڳيان وڌي رهيا آهيون، توهان تشريف رکو. ٻڌڻي دوران بئريسٽر فروغ نسيم روسٽروم تي آيو ۽ چيو ته منهنجو لائسنس بحال آهي. اٽارني جنرل جيڪو بار ڪائونسل جو چيئرمين هو هن لائسنس بحال ڪيو آهي، جڏهن ته بار ڪائونسل وارن منهنجو لائسنس معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون وٽ سڀئي آرڊرز موجود آهن. چيف جسٽس پاڪستان بئريسٽر فروغ نسيم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ سان گڏ ڪنهن جونيئر کي وٺي اچو جو بحث ڪري سگهي. جسٽس منصور شاهه رمارڪس ڏنا ته فروغ نسيم توهان جي معاملي کي ٻڌوسين ته پوءِ ٻنهي طرفن کي ٻڌڻو پوندو. فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو آرڊر موجود آهي ته منهنجو وڪالت جو لائسنس معطل نٿو ڪري سگهجي. عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي