شاهپور چاڪر (نمائندو آن لائين نيوز روم) سول سوسائٽي جو وفد جامي چانڊيو، عرفانا ملاح، امر سنڌو، حسين مسرت، پنھل ساريو ۽ جان محمد سومرو جي قيادت ۾ مانجھي فقير وٽ اظھار يڪجھتي لاءِ پهتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جامي چانڊيو چيو ته مانجھي فقير اڪيلو ناھي سڄي سنڌ جو شعور مانجھي فقير سان گڏ آهي، مانجھي فقير سنڌ جو سرمايو آهي، فقير پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي. عرفانه ملاح چيو آهي ته مانجھي فقير سنڌ آھي ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو مانجھي فقير سان گڏ بيٺل آھي، مذھب جي بنياد تي ڪڏھن به سنڌ جي شعور تي حملو قبول ناھي.هن چيو ته مانجھي فقير سنڌ جي سڃاڻپ آھي، ھي جيڪو ميڙ آيو اھو فرد ناھي پر سنڌ جو آواز بڻجي آيو آهي.