اسلام آباد (آن لائين نيوز روم) قومي احتساب بيورو گڏيل مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي جي سربراهه اڪرم دراني جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب راولپنڊي گهرو کاتي کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته اڪرم دراني خلاف جاچ جاري آهي، خدشو آهي ته هو ملڪ ڇڏي ٻاهر نه هليو وڃي، تنهن ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي.